SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بين الاقوامي ضابطو يا سرشتو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بين الاقوامي ضابطو يا سرشتو

International Order

انٽرنيشنل آرڊر

عام طرح بين الاقوامي نظام (International Systems) جهڙو تاثر رکندڙ هي اصطلاح رياستي وهنوار هلائڻ لاءِ ڪن سرگرمين ۽ انتظامن جي مجموعي جي نشاندهي ڪري ٿو. ان حوالي سان هن اصطلاح سان سياسي، سفارتي،قانوني،معاشي ۽ فوجي حوالن سان ڪيتريون خاصيتون سلهاڙيل آهن جيڪي بين الاقوامي تعلقات کي هڪ ضابطو ۽ ترتيب مهيا ڪن ٿيون. موجوده بين الاقوامي ترتيب يورپي ويسٽلفيليائي (1648) رياستي سرشتي تي بيٺل آهي، جنهن ۾ هر رياست کي خودمختياري ته حاصل آهي، پر ان هوندي به هڪٻئي سان واسطيدارين ۾ رهڻ لاءِ رياستن وچ ۾ گڏيل اجتماعي روين تي سمهتي ٿيل آهي جيتوڻيڪ موجوده رياستي نظام کان اڳ به سلطنتن، بادشاهتن ۽ ڏن ڀرو رياستن جا سرشتا دنيا ۾ موجود رهيا آهن، پر موجوده عالمي رياستي نظام ڪنهن به هڪ مرڪزي عالمي حڪومت کي رد ڪندي، رياستن جي خودمختياري جي بنياد تي قيام جي حمايت ڪري ٿو. اهو رياستي نظام قاعدن قانونن، طاقت جي توازن ۽ سفارتڪاريءَ وارن شعبن ذريعي، هڪ وهنواري سرشتو قائم ڪندي اهڙو ضابطو آڇي ٿو، جنهن ۾ رهندي رياستون هڪ ٻئي سان مختلف قسم جا لاڳاپا برقرار رکي سگهن ٿيون. جيتوڻيڪ رياستن وچ ۾ طاقت جي زور تي هڪ ٻئي سان ارهه زورائيون به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، پر اهڙين حالتن لاءِ پڻ ڪجهه ضابطا جڙيل آهن، جن جي ذريعي آخرڪار تڪرارن جوڪونه ڪو حل نڪري اچي ٿو، ڇاڪاڻ جو ڪنهن به قسم جي بين الاقوامي ضابطي لاءِ، دنيا ۾ امن سلامتيءَ صورتحال جو هجڻ انتهائي ضروري آهي. ان جو اهو مطلب ناهي ته مذڪوره ضابطو ساڪت ۽ جامد آهي، بلڪه نين رياستن جي وجود ۾ اچڻ ۽ پراڻين رياستن ۾ ڀڃ ڊاهه سبب ان ۾ ڪجهه تبديليون به اچن ٿيون،اهڙين تبديلين کي مڃڻ ۽ انهن سان جالڻ ذريعي ، بين الاقوامي ضابطي کي متحرڪ رکيو وڃي ٿو. ڪن مبصرن جو خيال آهي، ته عالمي سطح تي ضابطو فقط سيڪيورٽي جي سگهه ذريعي برقرار رکي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هر رياست جو پهريون بنيادي مسئلو تحفظ آهي. جڏهن ته ٻيو گروهه چوي ٿو ته ڪنهن به اهڙي ضابطي جي قيام جو مقصد، انصاف جو حصول آهي، ته جيئن دنيا جون ننڍيون وڏيون رياستون صلح سانت سان رهي سگهن. ان سلسلي ۾ ٽين دنيا جي شڪايتن جي ازالي سميت بين الاقوامي معاشي جوڙجڪ کي انصاف ڀريو بڻائڻ تي زور ڏنو ويو آهي، ان حوالي سان سفارتي ۽ فوجي مامرن سان گڏ سماجي، ثقافتي، معاشي ۽ فني معاملا به عالمي ضابطي جا لازمي حصا ڄاڻايا وڃن ٿا، پر بين الاقوامي ضابطو ان قسم جي معاملن تي جُدا جُدا زور ڏيڻ بجاءِ، انساني زندگيءَ ۾ موجود تڪليفن، غُربت، بک، سماجي انصاف ۽ ماحوليات ۾ توازن وارن معاملن تي زور ڏيندي چوي ٿو ته ترقيءَ لاءِ امن ضروري آهي. امن لاءِ انساني آباديءَ جي بنيادي مسئلن جو حل ضروري آهي، ته اهڙي حاصلات لاءِ بين الاقوامي ادارن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ سان گڏ نون عالمي مرڪزي ادارن کي برپا ڪيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ هڪ پائيدار ۽ انسان دوست بين الاقوامي ضابطو ترتيب ڏيئي سگهجي


Remember Me Also:

ڪهو ڪپڻ

ڪو ڏکيو ڪم سرانجام ڏيڻ ، مشڪل حل ڪرڻ ، دُشوار ڪم پورو ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal